مولانا سيد محمد شاهه امروٽي

مولانا سيد محمد شاهه امروٽي

سيد محمد شاهه امروٽي مولانا

سيد محمد شاهه امروٽي، مولانا: مولانا سيد محمد شاهه ولد مولانا سيد نظام الدين شاهه امروٽي، 9 ذوالحج 1337هه/ 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ديواني لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي وفات کانپوءِ سيد محمد شاهه پنهنجي والد سان گڏ امروٽ شريف آيو، جتي قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي مامي مولانا الله بخش بروهيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ ڇهن درجن تائين نصابي تعليم به امروٽ شريف مان ورتائين. ان بعد فارسيءَ جي تعليم دليل پور، تعلقي ٺل ۾ مولانا عبدالوهاب کوسي کان حاصل ڪيائين ۽ ٽن مهينن تائين مدرسي دارالهدى ٺيڙهيءَ ۾ مولانا حبيب الله، مولانا عبدالهادي ۽ مولانا قاري عزيزالله وٽ پڙهيو. ان کانپوءِ تعلقي قنبر جي ڳوٺ بٺي جي مشهور منطقي عالم مولانا شاهه محمد ۽ لاڙڪاڻي ۾ مولانا محمد صاحب وٽ پڙهيو. درگاهه امروٽ شريف جي مدرسي ۾ ڪجھه وقت مولانا عبدالله چانڊيي وٽ پڻ پڙهيو. آخر ۾ مدرسه تاج المدارس امروٽ ۾ تعليم مڪمل ڪري دستارِ فضيلت ٻَڌائين. تعليم مان فارغ ٿيڻ بعد امروٽ شريف ۾ درس تدريس ۽ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مصروف رهيو، والد جي وفات کان پوءِ کيس درگاهه ’عاليه قادريه راشديه امروٽ‘ جو سجاده نشين بڻايو ويو. سيد محمد شاهه عالم ۽ فاضل هئڻ سان گڏ بهترين مقرر، سٺو ليکڪ، شاعر، حڪيم ۽ سياستدان به هو. هن مولانا احمد علي لاهوري، مولانا احتشام الحق ٿانوي، مولانا غلام غوث هزاروي ۽ مولانا مفتي محمود جهڙن جيد عالمن ۽ اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪيو. جميعت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جو امير رهيو، تنظيم جو صدر به چونڊيو. سنڌ هاري ڪميٽي، تحريڪ ختم نبوت، تحريڪ بحالي جمهوريت (MRD) ۽ پاڪستان قومي اتحاد وغيره تحريڪن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو.
مولانا سيد محمد شاهه امروٽيءَ جا ٻه ڪتاب ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ مشهور آهن، جيڪي ’دارالاشاعت امروٽ شريف‘ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا هئا. سيد محمد شاهه امروٽيءَ کي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ذيابيطس ۽ دل جي تڪليف ٿي. هن 13 نومبر 1987ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه امروٽ شريف جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.05.09  عيسوي

مولانا سيد محمد شاهه ولد مولانا سيد نظام الدين شاهه امروٽي، 9 ذوالحج 1337هه/ 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ديواني لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خدا بخش
شفالي واسديو
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
پکيئڙو محمد صديق
رگهورام سنت
انڙ انڙائي
اسلم آزاد
عبدالقادر محمد حسين
پروانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون